پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻه طرفي سياسي مشاورتي اجلاس ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون

پاڪستان ۽ چين

پاڪستان ۽ چين ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون آهن، سياسي ۽ سيڪيورٽي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ، ٻطرفي واپار، اقتصادي ۽ مالي تعاون، ثقافتي مٽاسٽا، سياحت ۽ عوام وچ ۾ لاڳاپن تي اتفاق ڪيو ويو.

ٻنهي ڌرين گذريل ڏينهن بيجنگ ۾ منعقد ٿيل چين-پاڪستان ٻطرفي سياسي مشاورتي اجلاس (بي پي سي) جي ٽئين دور ۾ ڳالهيون ڪيون، جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ باضابطه اداراتي ميڪانزم آهي.

پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ چيني وفد جي قيادت نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ڪري رهيو هو.

پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان ۽ چين اعليٰ سطحي رابطن ۽ ڊائلاگ ميڪنزم کي به فروغ ڏيندا ۽ مواصلاتي چينلز کي مضبوط ڪندا.

سي پيڪ کي هڪ ڏهاڪو مڪمل ٿيڻ جو ذڪر ڪندي ڌرين ان لاءِ پنهنجي وابستگي کي ورجايو، جيڪو ٻه طرفي سهڪار جو هڪ اهم ٿنڀ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهري دوستي جي علامت آهي.

ڊاڪٽر اسد مجيد 2022ع ۾ آيل تباهي واري ٻوڏ دوران پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ انساني مدد لاءِ چين جي مسلسل ۽ کليل دل سان سهڪار تي ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ اقتصادي سلامتي لاءِ چين جي حمايت کي ورجايو.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، افغانستان سميت اهم علائقائي ترقي تي ويجهن سهڪارن ۽ رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

Read Previous

پي ايس ايل 2023: شاهد آفريدي پاران ملتان سلطانز کي هارائڻ تي لاهور قلندرز جي واکاڻ

Read Next

وزيراعظم پاران پي ايس ايل 8 کي ڪامياب بڻائڻ تي واکاڻ

Most Popular