توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان 30 مارچ تي ذاتي طور تي طلب

عمران خان

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي 30 مارچ تي طلب ڪري ورتو.

عدالت 18 مارچ تي ڪيس جي ٽن ٻڌڻين لاءِ الڳ الڳ حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال ڪيس جو ٽن صفحن تي ٻڌل حڪم جاري ڪيو، جنهن ۾ ايس پي سميع ملڪ، عمران خان جي وڪيلن بئريسٽر گوهر ۽ خواجا حارث سميت ڪيترن ئي ماڻهن جا بيان شامل ڪيا ويا.

عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ گم ٿيل آرڊر شيٽ واري معاملي کي حل ڪندي چيو ته آرڊر شيٽ گم ٿي وئي پر ان جو بيڪ اپ ڪمپيوٽر ۾ محفوظ آهي، نقصان سبب تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ فائل ٻيهر ٺاهي وئي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عمران خان کي 3:30 وڳي عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو، جنهن بعد ۾ 4 وڳي تائين واڌ ڪئي وئي، ڇاڪاڻ ته هو تيستائين رستي ۾ هو.

شام 4 وڳي تائين عدالت جي دروازي ٻاهران موجود وڪيلن، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن عدالت کي ٻڌايو ته اڳوڻو وزيراعظم اچي چڪو آهي.

عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي توشه خانه ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم خلاف فوجداري ڪارروائي شروع ڪرڻ بابت درخواست جي منظوري تي ڌيان ڏنو ويندو.

Read Previous

فرانس جو پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان کي 55 ملين ڊالر ڏيڻ جو اعلان

Read Next

آءِ ايم ايف پاران پاڪستان جي ايٽمي پروگرام تي شرطن جي افواهن جي ترديد

Most Popular