فرانس جو پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان کي 55 ملين ڊالر ڏيڻ جو اعلان

پوليو جا ڦڙا

فرانسيسي ترقياتي اداري اي ايف ڊي پوليو جي خاتمي لاءِ عالمي ڀائيوارن سان گڏجي پوليو خلاف جنگ ۾ پاڪستاني حڪومت جي فنڊنگ جي خال کي ڀرڻ جي آڇ ڪئي آهي.

صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ اي ايف ڊي ۽ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي وفد جي دوري جا تفصيل ڏنا ويا آهن.

وفد صحت واري اسپيشل سيڪريٽري سان ملاقات ڪئي ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر جو دورو ڪيو.

هي وفد صحت ۽ سماجي تحفظ جي حوالي سان ملڪ جي مدد لاءِ هڪ هفتي جي دوري تي پاڪستان آيو هو.

اي ايف ڊي، اين اي او سي ۾ هڪ بريفنگ دوران چيو ته حفاظتي سرگرمين ۽ مهم جي نگراني لاءِ ٽيڪنيڪل سپورٽ فراهم ڪئي ويندي، انهي سان گڏ پوليو جي خاتمي لاءِ پي سي 1 2022-2026 لاءِ 55 ملين ڊالر فنڊنگ گيپ کي پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

اي ايف ڊي وفد جي اڳواڻي ڊائريڪٽر آف هيلٿ اينڊ سوشل پروٽيڪشن اگنيس سوڪٽ ڪري رهيو هو، جڏهن ته گيٽس فائونڊيشن جي وفد جي اڳواڻي جئي واگنر، گلوبل هيڊ آف پوليو ايريڊيڪيشن ڪري رهيو هو.

اجلاس کانپوءِ ڊبليو ايڇ او ۽ يونيسيف جي نمائندن ڪووڊ 19 ۽ تازي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ ۾ پوليو انفراسٽرڪچر جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

Read Previous

قاضی احمد ۾ ٻن واپارين جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار

Read Next

توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان 30 مارچ تي ذاتي طور تي طلب

Most Popular