لاهور ۽ اسلام آباد ۾ پوليس جو پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز

zaman park

پي ٽي آءِ جي مينار پاڪستان تي جلسي کان اڳ لاهور ۽ اسلام آباد پوليس پارٽي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو ويو آهي.

پوليس اڄ صبح لاهور جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا، جنهن دوران پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ مسرت جمشيد چيما ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شفقت محمود جي گهرن تي ڇاپا هنيا پر اهي فرار ٿي ويا.

ان کانسواءِ اهي به اطلاع آهن ته پوليس اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ تي هڪ ٻيو آپريشن ڪري سگهي ٿي.

لاهور جي علائقي قلعا گجر سنگهه ۾ 30 کان وڌيڪ شپنگ ڪنٽينر رکيا ويا آهن.

زمان پارڪ جي ويجهو گاڏين کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن کي اڃا تائين پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو گهيرو آهي.

Read Previous

آءِ ايم ايف پاران پاڪستان جي ايٽمي پروگرام تي شرطن جي افواهن جي ترديد

Read Next

عمران خان خلاف اسلام آباد ۾ داخل سمورن ڪيسن جو رڪارڊ طلب

Most Popular