عمران خان خلاف اسلام آباد ۾ داخل سمورن ڪيسن جو رڪارڊ طلب

عمران خان

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف وفاقي راڄڌاني ۾ داخل سمورن ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.

اهو حڪم عمران خان جي درخواست تي ڏنو ويو، جنهن ۾ گذريل سال اپريل ۾ وزيراعظم جي عهدي تان هٽائڻ کان وٺي سندس خلاف داخل ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو هو.

عدالت سمورن درخواستگذارن کي 27 مارچ تائين جواب ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيشي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.

عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري عدالت کي ٻڌايو ته جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ سندس داخلا روڪي وئي، اسلام آباد ۾ سندس وڃڻ لاءِ عدالت کانسواءِ ٻي ڪا به جاءِ ناهي.

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان خلاف رڳو اسلام آباد ۾ 47 ڪيس داخل آهن، هن دعويٰ ڪئي ته پوليس ڪجهه ڳجهيون ايف آءِ آرز به داخل ڪرايون آهن، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ايف آءِ آر سيل نه ٿي ڪري سگهجي، ڇو ته اهي عوامي دستاويز آهن.

فواد چوڌري استدعا ڪئي ته عدالت عمران خان خلاف وفاقي راڄڌاني ۾ داخل سمورن ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري.

Read Previous

لاهور ۽ اسلام آباد ۾ پوليس جو پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز

Read Next

زمان پارڪ ۾ دهشتگردن جي موجودگي جو الزام، محسن نقوي جو نرمي نه ڏيڻ جو اعلان

Most Popular