سرسو پاران يونيسيف جي سهڪار سان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاڳرتا مهم شروع

Sarso

ڪراچي: اقوام متحدہ جي ذيلي اداري يونيسيف جي سهڪار سان سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو) جاڳرتا واري منصوبي تي عمل ڪندي سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاڳرتا مھم شروع ڪري ڏني آھي.

سرسو ترجمان جميل سومرو موجب اقوام متحدہ جي ٻارڙن بابت ڪم ڪندڙ عالمي اداري يونيسيف جي سھڪار سان سنڌ جي برساتي ٻوڏ سبب وڌيڪ متاثر ٿيل 05 ضلعن مان ھڪ خيرپور جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ يونين ڪائونسل هنڊياريءَ جي ڳوٺ عبداللطيف شر ۾ ٻارن جي اهم مسئلن کي اُجاڳر ڪرڻ ۽ انھن مسئلن کي حل ڪرڻ بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ سماجي ۽ نفسياتي بحالي جي مدد لاءِ ٿيٽر پيش ڪيو ويو.

ٿيٽر۾ يونين ڪائونسل ھنڊياريءَ جي مختلف ڳوٺن جي مرد، عورتن ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مختلف خاڪن، گيتن ۽ لطيفن جي مدد سان ٽي وي جي مشهور فنڪار سهراب سومرو ۽ هن جي ٽيم ماڻهن کي ٻارن تي تشدد، خوراڪ جي گهٽتائي، صحت، ۽ ننڍپڻ جي شادين جي روڪٿانم بابت اهم پيغام ڏنا.

ان موقعي تي پروگرام جي حوالي سان يونيسيف جي تعاون سان ھلندڙ منصوبي جي پروجيڪٽ مئنيجر نويد اسحاق ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته سرسو يونيسيف جي سهڪار سان سنڌ جي 5 ضلعن خيرپور، نوشهرو فيروز، دادو، لارۡڪاڻو ۽ قمبر شهاداڪوٽ جي سڀ کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر 37 يونين ڪائونسلن ۾ ٻارن جي تحفط، خوراڪ جي گهٽتائي صحت، سماجي ۽ نفسياتي جي بهتري لاءِ مختلف سرگرميون ڪري رهي آهي.

ٿيٽر پرفارمنس هيٺ عام ماڻهن ۾ ٻارن جي حقن خاص طور تي تحفظ جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان ۾ بهتري آڻڻ ۽ ٻوڏ جي ڪري پيل سماجي ۽ نفسياتي مونجهارن کي تفريح جي وسيلي گھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

ھن چيو ته سرسو سنڌ جي عوام جا اھنج گھٽائڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪري رھي آھي ۽ اھو سلسلو جاري رکيو ويندو.

Read Previous

ذاتي زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح فلم زويگاتو جي ڪردار سان تعلق رکان ٿو، ڪپل شرما

Read Next

حڪومت گهٽ آمدني وارن طبقن کي پيٽرول ۽ گيس تي سبسڊي ڏيندي

Most Popular