حڪومت گهٽ آمدني وارن طبقن کي پيٽرول ۽ گيس تي سبسڊي ڏيندي

petrol

پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ 800 سي سي کان گهٽ انجڻ رکڻ وارن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 100 رپيا گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير چيو ته امير ماڻهو پيٽروليم شين تي 100 رپيا اضافي ادا ڪندا، جڏهن ته غريبن کي ايتري ئي رقم جو رليف ملندو.

حڪومت پاران ايندڙ هفتي اندر عملدرآمد پلان جا تفصيل پڌرا ڪرڻ جو امڪان آهي، ان کانسواءِ حڪومت گهٽ آمدني وارن گروپن لاءِ گئس جي قيمتن تي به سبسڊي ڏيندي.

آچر تي وزيراعظم شهباز شريف چيو هو ته پيٽروليم رليف پيڪيج تحت گهٽ آمدني وارن غريبن کي 50 رپيا في ليٽر سبسڊي ڏني ويندي.

رليف پيڪيج تي نظرثاني اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته پيٽروليم رليف گهٽ آمدني وارن صارفين کي ڏنو ويندو، جن وٽ موٽرسائيڪل، رڪشا، 800 سي سي ۽ ٻيون ننڍيون گاڏيون آهن.

هن چيو ته پيٽروليم سبسڊي پروگرام جلد شروع ڪيو ويندو ۽ سبسڊي پروگرام تي موثر عملدرآمد لاءِ لاڳاپيل کاتن جي سهڪار سان هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي ويندي.

هن چيو ته موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ ننڍيون ڪارون گهٽ آمدني وارا ماڻهو استعمال ڪن ٿا، پيٽروليم تي سبسڊي ڏيڻ سان غريبن کي رليف ملندو.

هن چيو ته معاشي مشڪلاتن باوجود حڪومت غريب عوام جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

Read Previous

سرسو پاران يونيسيف جي سهڪار سان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاڳرتا مهم شروع

Read Next

عمران خان جو ڀائٽيو حسان نيازي جوڊيشل ڪمپليڪس تي حملي ڪيس ۾ گرفتار

Most Popular