قمبر ۾ صحت کاتي پاران ٽي بي جي عالمي ڏهاڙي تي سجاڳي واڪ ۽ سيمينار

Qamber

قمبر ۾ ٽي بي ڪنٽرول پروگرام سي ڊي سي 3 سنڌ ۽ ضلعي صحت آفيس پاران ٽي بي جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کان وٺي ڊي ايڇ او آفيس تائين سجاڳي واڪ ڪيو ويو.

ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار علي تنيو ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر سيد حبيب شاھ بخاري ۽ ايم ايس ڊاڪٽر سعيد اختر تنيو جي اڳواڻي ۾ عوام ۾ ٽي بي جي بيماري بابت عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ھٿن ۾ بينر کڻي واڪ ڪيو، جنهن بعد سي ايم ڊبليو اسڪول ۾ سيمينار پڻ منعقد ڪيو ويو.

صحت کاتي جي عملدارن برج ڪنسلٽنٽ فائونڊيشن، وومين ڊولپمينٽ، پي پي ايڇ آءِ، آغا خان فائونڊيشن، سرسو جي عملدارن ۽ سي ايم ڊبليو اسڪول جي شاگردياڻين سميت صحافين شرڪت ڪئي.

سيمينار کي خطاب ڪندي ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار علي تنيو، ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر سيد حبيب شاھ بخاري، ايم ايس ڊاڪٽر سعيد اختر تنيو، ميڊم رضيا سلطانا، سسئي لوھار ۽ عابدا چنا چيو ته اسان سڀني کي گڏجي موذي مرض ٽي بي خلاف جنگ ڪرڻي آھي.

هنن چيو ته ٽي بي جو علاج ممڪن آھي، جيڪڏھن ڪنھن به مرد عورت يا پنجن سالن کان مٿي جي ٻار کي ٻن ھفتن کان مٿي کنگھه ھجي، رات جو ھلڪو بخار اچي، وزن ۾ گھٽتائي ٿئي، ننڊ نه اچي ۽ بلغم ۾ رت اچي ته انکي فوري طور ٽي بي جي ٽيسٽ ڪرائي وڃي.

هنن چيو ته اسانجي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ سترنھن کان وڌيڪ سرڪاري اسپتالن توڙي پرائيويٽ ڊاڪٽرن وٽ ٽيسٽون توڙي سموريون دوائون مفت فراھم ڪيون وينديون آھن.

هنن چيو ته ٽي بي ڪنٽرول پروگرام پاران سموري ضلعي جي ڏورانھن علائقن ۾ توڙي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ پڻ مفت ڪيمپون لڳايون وينديون آھن، اسانجو عزم آھي ته اسان سڀئي گڏجي پنھنجي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ کي ٽي بي جھڙي موذي مرض کان پاڪ بڻايون.

هنن سڀني باشعور ماڻھن کي اپيل ڪندي چيو ته ضلعي کي ٽي بي کان پاڪ بڻائڻ لاءِ ساٿ ڏئي ماڻھن ۾ سجاڳي پيدا ڪن ته جيئن عوام موذي مرض کان بچي سگھي.

Read Previous

پلان مون کي گرفتار ڪرڻ جو نه پر مارڻ جو هو، عمران خان جو چيف جسٽس کي خط

Read Next

مريم نواز، راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل

Most Popular