بالي ووڊ اداڪارا سوارا ڀاسڪر کي پنهنجي وليمي جي تقريب ۾ پاڪستاني ڊيزائنر علي ذيشان جو خوبصورت پيسٽل هيڊڊ لهنگو پهريل هو.
ويري دي ويڊنگ اداڪارا فهد احمد سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي ۽ برلي ۾ سندس مڙس جي گهروارن طرفان استقبال ڪيو ويو.
هن استقبال واري تقريب ۾ پنهنجي لباس جي هڪ جھلڪ شيئر ڪئي، جيڪا سوارا پنهنجي انسٽاگرام جي اسٽوري تي رکي.
هن لکيو ته هي علي ذيشان جي ٿيٽر اسٽوڊيو جي لهنگي سيٽ جي هڪ جھلڪ آهي، جيڪو هن مهرباني ڪري ٺاهي ۽ سرحد پار مون ڏانهن موڪليو.
ڪنوار جو لهنگو سونو آهي، جنهن ۾ فيروزي ۽ موتي جو ڪم ٿيل آهي، جڏهن ته رئو هڪ متضاد پيسٽل نيرو آهي، جنهن ۾ گلابي ۽ سائي رنگ جي گلن جا اشارا آهن.