اداڪاره ثناءَ طلاق کانپوءِ به شاديءَ جي اثرن مان ٻاهر نه نڪتي

Actress Sana

14 سالن جي شادي جي خاتمي کانپوءِ به اداڪارا ثنا اثرن مان ٻاهر نه اچي سگهي آهي ۽ پنهنجي اڳوڻي مڙس فخر جعفري جو مذاق اڏائڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي.

هڪ انسٽاگرام پوسٽ ۾، اداڪارا ثنا ڊزائنر حنا سلمان جي تيار ڪيل لباس ۾ پنهنجون ٻه تصويرون شيئر ڪيون، جن مان هڪ ۾ هوءَ پنهنجي چپن تي آڱر رکي خاموشي ڏانهن اشارو ڪري رهي آهي.

اداڪارا ثنا يوٽيوب نادر علي کي تازي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته مان پنهنجو رشتو بچائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ۽ ڪافي عرصي تائين بچائيندي رهيس.

هن چيو ته جيڪو به سبب هجي، شادي ختم ڪرڻ تمام ڏکيو آهي، اسان کي هر ڪنهن جي حمايت ڪرڻ گهرجي، جيڪو ان مان گذري ٿو.

هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن رشتن کي ٽوڙڻو پوندو آهي، ڇو ته جيڪڏهن اهي نه ٽوڙيا وڃن ته ڪيتريون ئي شيون ٽٽي وينديون آهن، تنهنڪري ڪجهه شين کي الڳ ڪرڻ ضروري آهي.

Read Previous

عمران خان کي دهشتگردي جي ٻن ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت ملي وئي

Read Next

سوارا ڀاسڪر وليمي جي تقريب ۾ پاڪستاني ڊيزائنر جو تيار ڪيل لباس پهريو

Most Popular