78 لک خاندانن کي في خاندان 2 هزار رپيا ملندا، سنڌ ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ ڪابينا

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ 78 لک 10 هزار 482 گهٽ آمدني وارن خاندانن کي 15 ارب 60 ڪروڙ رپين جي رمضان پيڪيج جي منظوري ڏني وئي، جنهن تحت 30 ڪلو اٽو 65 رپيا في ڪلو جي حساب سان اٽو خريد ڪندڙن کي سبسڊي طور تي هر خاندان کي ، 2000 رپيا روڪ منتقل ڪيا ويندا.

گهٽ آمدني وارن خاندانن کي روڪ رقم جي منتقلي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ڪئي ويندي، جنهن لاءِ مستحق خاندانن کي سندن موبائيل فون تي هڪ پيغام ملندو ۽ جن کي اهڙو پيغام نه مليو ۽ جن جي سراسري آمدني 50 رپين کان گهٽ آهي، اهي سبسڊي لاءِ اهليت بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ لاءِ ٽول فري 8171 سهولت تي هڪ پيغام / شناختي نمبر موڪلي سگهن ٿا.

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته بي آءِ ايس پي جي پراڪسي مينز ٽيسٽ (پي ايم ٽي) جو اسڪور 01 کان 60 تائين رکندڙ 78 لک 10 هزار 482 خاندانن کي رليف اسڪيم تحت في خاندان 2 هزار رپيا روڪ رقم جي منتقلي لاءِ شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي.

مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته 30 ڪلو ڪڻڪ جو اٽو 130 رپيا في ڪلو حاصل ڪرڻ سان سبسڊي جي مجموعي رقم 15 ارب 62 ڪروڙ رپيا ٿي ويندي.

ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي خوراڪ کاتي ٻڌايو ته ٽوٽل 78 لک 10 هزار 482 خاندانن مان حيدرآباد ريجن ۾ 21 لک 85 هزار 122، ڪراچي ۾ 22 لک 96 هزار 998، سکر ۾ 8 لک 31 هزار 975، لاڙڪاڻي ۾ 10 لک 202 هزار 984، شهيد بينظير آباد ۾ 7 لک 73 هزار 163 خاندان شامل آهن.

اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خصوصي معاونن، چيف سيڪريٽري، پي ايس سي ايم ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

قيمتن تي ڪنٽرول کي بهتر بڻائڻ لاءِ خاص طور تي رمضان 2023ع جي مهيني دوران، ڪابينا ضروري شين جي قيمتن تي ڪنٽرول ۽ منافعي ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام ايڪٽ 2005ع ۾ ترميمن جي منظوري ڏني.

Read Previous

ماهره خان ۽ انور مقصود وچ ۾ سياست تي دلچسپ ڳالهه ٻولهه

Read Next

ايف آئي اي پرويز الاهي جي ڪٽنب کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

Most Popular