ايف آئي اي پرويز الاهي جي ڪٽنب کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

Pervaiz Elahi

وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جاچ لاءِ پرويز الاهي جي پٽ راسخ الاهي، ڌيءَ زهرا الاهي ۽ تحريم الاهي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ايف آءِ اي پرويز الاهي ۽ سندس خاندان خلاف جاچ ۾ ڪجهه اڳڀرائي ڪئي آهي، نوٽيس مني لانڊرنگ ايڪٽ 2010 تحت جاري ڪيا ويا آهن.

قانون لاڳو ڪندڙ اداري اڳوڻي وڏي وزير جي پٽ راسخ الاهي ۽ سندس گهر واري زهرا، مونس الاهي جي گهر واري تحريم ۽ ٻين جوابدارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

گذريل هفتي لاهور جي عدالت اربين رپين جي ملڪيت ۽ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

جوابدارن کي مني لانڊرنگ ذريعي گڏ ڪيل ملڪيتن جو مني ٽريل جمع ڪرائڻ جو چيو ويو آهي.

Read Previous

78 لک خاندانن کي في خاندان 2 هزار رپيا ملندا، سنڌ ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

حسن نيازي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

Most Popular