عمران خان جي گرفتاري سان بحران وڌيڪ ڳنڀير ٿيندو: زلمي خليل زاد

زلمي خليل زاد

افغانستان ۾ اڳوڻي آمريڪي سفير زلمي خليل زاد پاڪستان جي اتحادي حڪومت کي پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان کي چونڊ مهم تان هٽائڻ جي امڪاني نتيجن کان خبردار ڪيو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ زلمي خليل زاد چيو ته اهڙا اشارا ملي رهيا آهن ته پاڪستان جي پارليامينٽ جنهن تي حڪمران اتحاد جو ڪنٽرول آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ کان عمران خان کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان نااهل قرار ڏيڻ ۽ روڪڻ جو مطالبو ڪري سگهي ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته لڳي ٿو ته حڪومت عمران خان کي رياست جو نمبر ون دشمن بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اڳوڻي سفير خبردار ڪيو ته اهڙن قدمن سان پاڪستان سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي جي ٽنهي بحرانن کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيندو، ڪجهه ملڪن اڳ ۾ ئي رٿيل سيڙپڪاري کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

زلمي خليل زاد چيو ته آءِ ايم ايف جي حمايت شڪي آهي، جيڪڏهن مٿيان قدم کنيا ويا ته پاڪستان جي عالمي حمايت وڌيڪ گهٽجي ويندي، سياسي پولرائزيشن ۽ تشدد وڌڻ جو امڪان آهي.

Read Previous

آڊيو ليڪس کي سپريم ڪورٽ کي بدنام ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي: چيف جسٽس

Read Next

اداڪاره عليزي شاهه زهريلو کاڌو کائڻ سبب اسپتال منتقل

Most Popular