آڊيو ليڪس کي سپريم ڪورٽ کي بدنام ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي: چيف جسٽس

Umar Atta bandyal

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته سپريم ڪورٽ آئيني ادارو آهي، جنهن کي آڊيو ليڪس ذريعي بدنام ڪيو پيو وڃي.

غلام محمود ڊوگر جي بدلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس زور ڀريو ته هو آئيني ادارن جو تحفظ ڪندا ۽ صبر سان ڪم ڪندا، عدليه تي حملا ٿي رهيا آهن پر ان جو تحفظ ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي جنهن جو تحفظ ڪيو ويندو، جمهوري عمل شفاف ٿيڻ گهرجي.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي لفظن جي اڪثر غلط تشريح ڪئي ويندي آهي، اليڪشن ڪميشن کي اختيار آهن پر شفاف چونڊن ۾ خرابي نظر آئي ته سپريم ڪورٽ مداخلت ڪرڻ کان پاسو نه ڪندي.

هن پنهنجي اڳوڻن ريمارڪس جي وضاحت ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ڪڏهن به ڪنهن وزيراعظم کي ايماندار ناهي چيو، رڳو اها راءِ ڏني هئي ته 1988ع ۾ هڪ ايماندار وزيراعظم هو.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته بهرحال، پارليامينٽ طرفان سندس لفظن کي غلط سمجهيو ويو، ان تي تبصرو ڪيو.

ٻئي طرف درخواستگذار اڳوڻي سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر جي بدلي خلاف درخواست واپس وٺي ڇڏي، جنهن بعد ڪيس خارج ڪيو ويو.

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان بيوروڪريسي ۾ ڦيرڦار جي منظوري کانپوءِ معاملو غير موثر ٿي چڪو آهي.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ برابر جا موقعا ملڻ گهرجن، نگران سيٽ اپ جا اختيار محدود هئڻ گهرجن.

Read Previous

وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي اليڪٽرڪ ٿر جي 1650 ميگاواٽ منصوبن جو افتتاح ڪري ڇڏيو

Read Next

عمران خان جي گرفتاري سان بحران وڌيڪ ڳنڀير ٿيندو: زلمي خليل زاد

Most Popular