پيارو اسٽيشن ۾ پيور بلاڪ اسڪيم ۾ ڪرپشن خلاف شهرين جو احتجاج

Pyaro station

پيارو اسٽيشن لاءِ ڪروڙين رپيا اچڻ باوجود پيور بلاڪ مان شهرين کي ڪوبه لاڀ نه ملي سگهيو، احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

محمد علي قريشي، وحيد چانڊيو، منيب آرائين، ناصر علي، يوسف چنه ۽ سخاوت علي جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو.

مظاهرين جو چوڻ آهي ته ٺيڪيدار فيصل نائچ ڪرپشن جي حد ڪري ڇڏي آھي، پيور بلاڪ من پسند ماڻھن جي گهرن ۽ اوطاقن ۾ ھڻائي پيو.

هنن سيشن جج دادو ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٺيڪيدار جي ڪم جو جائزو وٺي سندس خلاف ڪارروائي ڪري گھٽيون پڪيون ڪرائي ڏنيون وڃن.

Read Previous

ٺٽي ۾ ڪلياڻ شهيد هوش محمد شيدي مڃتا ايوارڊ ميوزيڪل شو

Read Next

زينت امان لنڊن جي يادگار گهٽيءَ ۾ گهمڻ دوران پراڻين يادن ۾ گم ٿي وئي

Most Popular