ٺٽي ۾ ڪلياڻ شهيد هوش محمد شيدي مڃتا ايوارڊ ميوزيڪل شو

ٺٽي ۾ ڪلياڻ شهيد هوش محمد شيدي مڃتا ايوارڊ ميوزيڪل شو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ فنڪارن فن جو شاندار مظاهرو ڪيو.

ڊاڪٽر شاھنواز ايم ڪي دل جي صدارت ۾ بڪڪ ھال ۾ منعقد ايوارڊ شو ۾ ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

موسيقي جي محفل ۾ ثونيا سومرو، بشريٰ علي، رزاق راجا، سرمد اياز ۽ ٻين فن جو مظاھرو ڪري خوب داد ۽ انعام ماڻيا.

اداڪارن اسد قريشي، ماما لالو، عبدالله ملاح موالي، زلفي شاھ، عرس ناريجو، مرچو موالي ۽ ٻين ٽوٽڪا ٻڌائي ماڻهن کي کلائي کيرو ڪيو.

Read Previous

ڊجيٽل آدمشماري سنڌ ۽ ملڪ لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيندي،، اياز لطيف پليجو

Read Next

پيارو اسٽيشن ۾ پيور بلاڪ اسڪيم ۾ ڪرپشن خلاف شهرين جو احتجاج

Most Popular