حسان نيازي جي جسماني ريمانڊ خلاف درخواست منظور، جيل موڪليو ويو

حسان نيازي

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀائيٽي حسان نيازي جي جسماني رمانڊ خلاف درخواست منظور ڪندي کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

مقامي عدالت اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت (اي ٽي سي) ٻاهران پوليس سان بدتميزي جي الزام ۾ گرفتار حسان نيازي جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.

جڊيشل مئجسٽريٽ پاران ريمانڊ منظور ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ فيصلي کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد جي عدالت ۾ حسان نيازي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جڊيشل مئجسٽريٽ مريد عباس دليل ٻڌڻ بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

ٻڌڻي دوران حسان نيازي جي وڪيل قيصر امام چيو ته ايف آءِ آر ۾ شامل سموريون شقون قابل ضمانت آهن.

وڪيل پنهنجي موڪل جو دفاع ڪندي حسان نيازي تي لڳايل الزامن تي سوال اٿاريو ۽ شڪ جو اظهار ڪيو ته هن وٽ هٿيار هجڻ باوجود پوليس اهلڪار کي ٿڏڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي؟

Read Previous

گهرو وزارت پاران فوج مخالف سوشل ميڊيا مهم خلاف ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جو فيصلو

Read Next

ڀارتي عدالت اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي کي 2 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

Most Popular