گهرو وزارت پاران فوج مخالف سوشل ميڊيا مهم خلاف ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جو فيصلو

ايف آءِ اي

گهرو وزارت سوشل ميڊيا تي پاڪ فوج خلاف اهڙي مهم کي روڪڻ لاءِ اسپيشل ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اسپيشل ٽاسڪ فورس ۾ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ۽ نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي جا آفيسر شامل هوندا.

وزارت مشاهدو ڪيو آهي ته 8 ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽس، 44 ٽوئيٽر اڪائونٽس ۽ 50 کان وڌيڪ فيس بڪ اڪائونٽس فوج خلاف ناڪاري پروپيگنڊا پکيڙي رهيا آهن.

ٽاسڪ فورس پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد ڪندي ۽ سوشل ميڊيا جي استعمال جي حوالي سان سفارشون پڻ ڏيندي.

پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي چيئرمين عمران خان تي حڪومت پاران هٿياربند فوج کي بدنام ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.

Read Previous

واٽس ايپ ونڊوز لاءِ هڪ نئين ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي

Read Next

حسان نيازي جي جسماني ريمانڊ خلاف درخواست منظور، جيل موڪليو ويو

Most Popular