عمران خان جي قتل جي سازش وارن الزامن تي جڊيشل ڪميشن قائم

عمران خان

لاهور: پنجاب جي نگران حڪومت عمران خان جي قتل جي سازش جي الزام تي جڊيشل ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي.

پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان جي بيان تي پنجاب حڪومت جڊيشل ڪميشن ٺاهي ڇڏي آهي، جيڪا جاچ ڪندي.

هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان جي الزام ۾ هڪ سيڪڙو به سچائي هوندي ته ملوث ماڻهن کي سخت سزا ملندي، جيڪڏهن الزام درست آهي ته ان تي ايڪشن ٿيڻ گهرجي، درست ناهي ته به ايڪشن ٿيڻ گهرجي.

نگران وڏي وزير چيو ته عمران خان پوليس وارن کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو آهي، وري سيڪيورٽي به گهري رهيو آهي، عمران خان جي پوليس کي گارگند ۽ ڌمڪيون غلط ڳالهه آهي.

محسن نقوي چيو ته چونڊن جي تاريخ بابت فيصلو اليڪشن ڪميشن جو آهي، اليڪشن ڪميشن ٻين ادارن سان به مشاورت ڪئي ته سوچي سمجهي ئي فيصلو ڪيو هوندو.

Read Previous

پي ٽي آءِ جو پنجاب ۾ چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

Read Next

بلاول ڀٽو پاران جوهر چورنگي وٽ شهرين لاءِ ضياءَ محي الدين فلائي اوور جو افتتاح

Most Popular