پي ٽي آءِ جو پنجاب ۾ چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

فواد چوڌري

پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پنجاب ۾ چونڊون ملتوي ڪري آئين جا بخيا اڊيڙيا ويا.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف پنجاب ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي.

فواد چوڌري چيو ته سمجهيوسين ته اسان خلاف ڪابينا جي پڌرائي ايندي پر پوءِ خبر پئي اسان ايجنڊا ۾ ئي نه هئاسين، ٽارگيٽ سپريم ڪورٽ هئي.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف حڪومت ريويو فائل نه ڪيو هو، سويلين سرڪار ۾ پهريون ڀيرو اهڙا قدم کنيا ويا.

Read Previous

پروگرام ۾ اهڙو ڪوبه مطالبو ناهي ڪيو، جيڪو پاڪستاني چونڊن ۾ رڪاوٽ بڻجي: آءِ ايم ايف

Read Next

عمران خان جي قتل جي سازش وارن الزامن تي جڊيشل ڪميشن قائم

Most Popular