پاڪستان جا دشمن ٻيهر دهشتگردي پکيڙين پيا، وري شڪست ڏينداسين: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي سيڪيورٽي آفيسن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ مسجدن تي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ بيگناهه ماڻهن جو قتل ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهي پاڪستان ۽ ان جي عوام جا دشمن آهن، پر قوم کين شڪست ڏيڻ لاءِ هِڪهَٽي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان گڏ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ سندس مزار قائد تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.

مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان جا دشمن هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ دهشتگردي پکيڙي رهيا آهن، پشاور ۾ جمعي جي نماز دوران مسجد تي آپگهاتي حملو ڪري نمازين کي شهيد ڪيو ويو، ڪراچي ۾ ڪي پي او آفيس تي حملو ڪيو ويو، پاڪ فوج جي برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال برڪي کي انگوراڏي ۾ شهيد ڪيو ويو ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٽن سيڪيورٽي اهلڪارن کي شهيد ڪيو ويو.

هن پنهنجي عزم کي ورجايو ته اسان دهشتگردي کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اهل سنت والجماعت جي مولانا سليم کتري، مولانا عبدالقيوم، ماهر تعليمدان خالد رضا جو قتل ۽ اهڙا ٻيا واقعا پڻ دهشتگرديءَ جو حصو آهن.

هن وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سندس حڪومت جي هدايتن تي دهشتگردن ۽ کين سهولتڪارن جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن.

هڪٻئي سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته سندس ڪابينا 7810482 گهٽ آمدني وارن گهرن لاءِ 15.6 ارب رپين جي رمضان پيڪيج جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت هر ڪٽنب کي بينظير انڪم سپورٽ ذريعي 2 هزار رپيا روڪ ۽ 30 ڪلو اٽو 65 رپيا في ڪلو جي حساب سان خريداري ڪرڻ تي رعايت ڏني ويندي ۽ ٻيا گهٽ آمدني وارا ماڻهو جيڪي بينظير انڪم سپورٽ جو حصو نه آهن اهي پنهنجي اهليت ۽ تصديق لاءِ8171 تي پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر موڪلي معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا يا پاڻ کي رجسٽر ڪرائڻ لاءِ ويجھو بي آءِ ايس پي سينٽر تي وڃي سگهن ٿا.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ذخيري تي ضابطو آڻڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪيو پيو وڃي، آرڊيننس موجب اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ، هٿراڌو مهانگائي ۽ ذخيري کي ڪنٽرول ڪرڻ جا اختيار روينيو کاتي جي آفيسرن ۽ خوراڪ کاتي جي عملدارن کي ڏنا ويا آهن.

پاڪستان ڏهاڙي بابت ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ اسيمبلي کي مارچ 1943ع ۾ پاڪستان جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي. قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي سياسي ڏاهپ ۽ جدوجهد سان هن ملڪ کي بڻايو.

هن چيو ته هاڻي اها اسان جي ذميواري آهي ته هن ملڪ کي ايترو مضبوط بڻايون ته جيئن اسان جا ايندڙ نسل محفوظ ۽ سٺي زندگي گذاري سگهن، هن ڏينهن تي اسان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ياد ڪرڻ گهرجي، جن هن ملڪ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون.

سنڌ جي وڏي وزير والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ جي مذمت ڪندي ڪشميري عوام کي ڀارتي قبضي خلاف جدوجهد تي خراج تحسين پيش ڪيو. مراد علي شاهه رمضان المبارڪ جي شروع ٿيڻ تي سڄي مسلمان امت خاص ڪري پاڪستان ۽ سنڌ جي عوام کي مبارڪباد ڏني.

هن چيو ته هي مهينو اسان کي قرباني ڏيڻ، ضرورتمندن جي سهائتا ۽ غريبن جي مالي مدد ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي روزي بابت تعليم تي عمل ڪرڻ گهرجي.

ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير باباءِ قوم جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه پڙهي ۽ پاڪستان ڏهاڙي تي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات درج ڪيا.

Read Previous

بلاول ڀٽو پاران جوهر چورنگي وٽ شهرين لاءِ ضياءَ محي الدين فلائي اوور جو افتتاح

Read Next

وڏي وزير پاران ٻارن لاءِ گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيشن اسڪالر شپ پروگرام ۾ شرڪت

Most Popular