وڏي وزير پاران ٻارن لاءِ گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيشن اسڪالر شپ پروگرام ۾ شرڪت

murad ali shah

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ انفارميشن، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (آءِ ايس ٽي) ۽ ٽيڪ ويلي پاڪستان وچ ۾ گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيشن اسڪالر شپ پروگرام 2023ع جي معاهدي تي صحيحن جي تقريب ۾ بطور گواه شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته صوبائي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ ۽ ٽيڪ ويلي وچ ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن، نوجوانن ۽ ٽرانسجينڊرن کي آءِ ٽي سکيا يا آءِ ٽي ڪورسن لاءِ گوگل اسڪالرشپ ڏيڻ واري مفاهمت معاهدي (MoU) تي صحيحون ڪيون ويون آهن.

Tech Valley Pakistan، گوگل جي تعاون سان ضلع ڏکڻ جي تعليم کاتي پاران چونڊيل اسڪولن ۾ شروعاتي ڪوڊنگ پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن جن ۾ ٻارن کي آئي ٽي اسڪلز سيکاريا ويندا خاص طور تي ابتدائي ڪوڊنگ پروگرام ۽ تربيتي عمل ذريعي IS&T کاتي پاران منظم ڪيو ويو آهي.

گوگل ان پروگرام کي سڄي سنڌ ۾ وڌائڻ چاهي ٿو. مستقبل جي منصوبي تي Techvalley Pakistan ٻين پروگرامن جهڙوڪ سي ايس (ڪمپيوٽر سائنس) فرسٽ، ڊجيٽل گوگل گيراج، بي انٽرنيٽ اوزوم، گوگل ڪلائوڊ سلوشنز ۽ سنڌ جي نوجوانن ۽ ڪم ڪندڙ عملي لاءِ پراجيڪٽ مئنيجمينٽ سرٽيفڪيشن سان شروع ڪندو.

ان کان اڳ سنڌ حڪومت جي IS&T کاتي Tech Valley ۽ گوگل پاڪستان سان ٽيڪنالوجي شعبي ۾ سرمائي جي ترقيءَ ۾ حصو وٺڻ لاءِ مختلف تربيتي ڪورسز پيش ڪرڻ تي ايم او يو تي صحيحون ڪيون هيون.

ان کان علاوه گوگل تعليمي تولز، استادن جي سکيا ۽ سرٽيفڪيشن، آئي ٽي اسٽاف کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڪمپيوٽر ليبز کي تعليم واري شعبي ۾ وڌائڻ لاءِ پڻ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو آهي.

گوگل جي موجوده آڇ ۾ سنڌ جي نوجوانن لاءِ آئي ٽي سپورٽ، آئي ٽي آٽوميشن، ڊيٽا اينالائيٽڪس، پروجيڪٽ مينيجمينٽ، يوڪس ڊيزائن، ڊجيٽل مارڪيٽنگ، اي ڪامرس، سائبر سيڪيورٽي، ايڊوانسڊ ڊيٽا اينالائيٽڪس، ۽ ايڊوانسڊ بزنس انٽيليجنس ۾ مفت سرٽيفڪيشن ڪورسز آهن.

گوگل پاران پيش ڪل اسڪالرشپ 5000 تائين آهي. هر هڪ سرٽيفڪيشن لاءِ ٽوٽل ٽريننگ چار مهينن اندر 160 ڪلاڪ آهي. اهو هڪ جامع پروگرام آهي جيڪو عورتن توڙي مردن کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪري ٿو ته جيئن پاڻ کي آئي ٽي مهارتن سان ليس ڪن ۽ آئي ٽي جي دنيا ۾ آنشور ۽ آف شور ويزا جي فري لانسنگ موقعن مان فائدو حاصل ڪري وڌيڪ روزگار جا موقعا حاصل ڪري سگهن، ڄاڻايل ڪورس هڪ آن لائن سرٽيفڪيشن هوندا.

سنڌ جي وڏي وزير جو هيءَ هڪ ساراه جوڳو قدر آهي ته آءِ ايس اينڊ ٽي کاتو اهڙن پروگرامن جي ترقيءَ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي ۽ ٻه پروگرام جهڙوڪ ’آئي ٽي انڊسٽري اڪيڊميا انڊسٽري برج پروگرام‘ ۽ ’آئي ٽي انڊسٽري ريڊيني بوٽ ڪيمپ‘ شروع ڪيا ويا آهن جيڪي غريبن لاءِ رکيل بجيٽ مان ورتا ويا آهن.

ٻئي ڪيپسٽي ڊيولپمينٽ پروگرام 404 ملين رپين جي لاڳت سان شروع ڪيا ويندا. ذڪر ڪيل پروگرامن جو مقصد IT گريجوئيٽ جي صلاحيتن ۾ واڌ، ڊيٽا سائنس، گيمنگ ۽ اينيميشن ۽ ٻين شعبن ۾ تربيت ڏيڻ آهي.

ڄاڻايل پروگرامن مان هڪ ”آئي ٽي انڊسٽري اڪيڊميا انڊسٽري برج پروگرام“ مقصد انڊر گريجوئيٽ آئي ٽي شاگردن کي سندن لاڳاپيل يونيورسٽين جي ڇهين، ستين ۽ اٺين سيمسٽر ۾ پڙهائي رهيا آهن.

پروگرام ۾ وڏي وزير جي خاص مددگار تنزيلا حبيبه، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري ڪاليجز احمد بخش ناريجو، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز مريد رحمان، هيڊ آف ٽيڪ ويلي پاڪستان صوبيا اڪرام، سي اي او عمر فاروق، گوگل پراجيڪٽ اسپيشلسٽ ٽموٿي پولاني (Timothy Polani)، گوگل ڪنٽري ليڊ پاڪستان حارث سفيان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

Read Previous

پاڪستان جا دشمن ٻيهر دهشتگردي پکيڙين پيا، وري شڪست ڏينداسين: وڏو وزير

Read Next

عمران خان جي ويڙهه پارٽين ۽ ادارن سان نه پر پر ملڪ خلاف آهي: شرجيل ميمڻ

Most Popular