عمران خان جي ويڙهه پارٽين ۽ ادارن سان نه پر پر ملڪ خلاف آهي: شرجيل ميمڻ

Sharjeel memon

ڪراچي: سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جيڪو پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪري ٿو ان جو جواب اهو آهي ته پيپلز پارٽي انڊر پاسز ٺاهيا آهن، سوين ڪلوميٽر روڊ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺاهيا آهن، هتي جيڪي جديد بسون هلي رهيون آهن، اهي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ڏنيون آهن.

هن چيو ته سنڌ حڪومت جديد اسپتالون قائم ڪيون آهن جو سڄي پاڪستان مان ماڻهو مفت علاج لاءِ سنڌ اچي رهيا آهن.

اهڙن خيالن جو اظهار هن جوهر چورنگي فلائي اوور جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ليبر کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني ۽ وزير اعليٰ سنڌ جي قانون بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.

هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه تنقيد جو نشانو بڻيل رهي آهي پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت هر شعبي ۾ بهترين ڪم ڪري ڏيکاريو آهي جيڪو اڄ تائين ڪنهن به سياسي پارٽي نه ڪيو آهي.

هن چيو ته 2018ع ۾ عمران خان کي جعلي مينڊيٽ ڏنو ويو ۽ پي ٽي آءِ جي ماڻهن جعلي طريقي سان کٽيو يا انهن کي جعلي طريقي سان کٽرايو ويو.

هن چيو ته اهي ماڻهو پنهنجي تڪن ۾ به نه ويا، انهن حلقن ۾ هنن لاءِ تلاش گمشدگي جا بينرز لڳل آهن، عمران خان پاڻ ڪراچي جي گلستان جوهر واري تڪ تان کٽيو ، بعد ۾ ھن ڪراچي ۾ هڪ رات به نه گذاري.

شرجيل ميمڻ چيو ته انهن ماڻهن جي سياست جو محور يا ته امپائر جون آڱريون آهن يا پرڏيهي طاقتون جيڪي پاڪستان کي ناڪام ڏسڻ چاهين ٿيون، انهن ماڻهن جي اصليت سڄي عوام کي واضح ٿي وئي آهي، انهن جي سياست نه هن قوم لاءِ آهي، نه هن ملڪ لاءِ ۽ نه ئي عوام لاءِ بهتر آهي.

ھن چيو ته عمران خان ڏينهون ڏينهن ايڪسپوز ٿيندو پيو وڃي. عمران خان روزاني نيون ڪهاڻيون بيان ڪري ٿو، ھو سمجهي ٿو ته ڪراچي جي عوام بلدياتي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ڪراچي جي ماڻهن کي لتون هڻي ڀڄايو ۽ انشاءَ الله ايندڙ عام چونڊن ۾ به پي ٽي آءِ کي ناڪامي نصيب ٿيندي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام اکيون کولي ۽ ڏسي ته عمران خان هن وقت ملڪ خلاف خطرناڪ سازشن ۾ مصروف آهي، سڄي دنيا جا لابسٽ ۽ سڄي دنيا جا اهي ماڻهو جيڪي ڪڏهن به پاڪستان جي حق ۾ ناهن رهيا ۽ ماضيءَ ۾ پاڪستان جي خلاف وڏين سازشن ۾ ملوث رهيا آهن ۽ هاڻي عمران خان جي حمايت ۾ کليل طور تي سامھون اچي رهيا آهن.

صوبائي وزير چيو ته ٻلي ٿيلهي مان ھاڻ ٻاهر نڪري آئي آهي، اها ڳالهه مان اڳ ۾ به چوندو رهيو آهيان ته عمران خان جي ويڙهه نه مسلم ليگ (ن) سان آهي، نه پيپلز پارٽيءَ سان ۽ نه ئي ڪنهن اداري جي سربراهه سان آھي، عمران خان جي ويڙهه هن ملڪ سان آهي. هو هن ملڪ خلاف وڙهي رهيو آهي.

صوبائي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام کي هاڻي ان شخص جو مقابلو ڪرڻو پوندو جيڪو پاڪستان خلاف وڙهي رهيو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جماعت اسلامي کان وڌيڪ سيٽون پاڪستان پيپلز پارٽي کٽيون آهن، ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ سبب قسمتي طور جماعت اسلامي سيٽون کٽيون، جيڪو دراصل ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ هو.

هن چيو ته اها ساڳي جماعت اسلامي نه رڳو ڪراچي مان اليڪشن وڙهي رهي هئي پر حيدرآباد مان به وڙهي رهي هئي حيدرآباد جي عوام جنهن طريقي سان جماعت اسلامي کي ووٽ نه ڏنو ، ان ئي طريقي سان ڪراچي جي عوام کي به ايئن ڪرڻو هو پر ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ سبب هنن کي آڪسيجن ملي وئي.

Read Previous

وڏي وزير پاران ٻارن لاءِ گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيشن اسڪالر شپ پروگرام ۾ شرڪت

Read Next

عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

Most Popular