عمران صدر ذريعي جنرل باجوه جي ملازمت ۾ واڌ جي آڇ ڪئي، خواجا آصف

بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان صدر ذريعي جنرل باجوه جي ملازمت ۾ واڌ جي آڇ ڪئي.

اسلام آباد ۾ پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته عمران خان اسيمبلي کي غير آئيني طور ٽوڙيو، سندس خلاف بي اعتمادي جي رٿ آئيني طريقي سان آندي وئي.

هن چيو ته عمران خان بي اعتمادي جي رٿ کانپوءِ غير قانوني قدم کنيا، تحريڪ انصاف جو ناڪاري رويو سڀني سامهون آهي.

وفاقي وزير چيو ته عمران خان عدالتن ۾ پيش نه ٿيڻ تي بضد آهي، هو ۽ سندس ڪارڪن عدالتن جو مذاق اڏائي رهيا آهن، هو جلوسن سان گڏ عدالتن تائين پهچن ٿا.

خواجا آصف چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به سياستدان اهڙو غير قانوني قدم ناهي کنيو، سياستدانن باوقار انداز ۾ سياست ڪئي.

خواجا آصف چيو ته عمران خان جي دور ۾ ن ليگ قيادت کي نشانو بڻايو ويو، ن ليگ جي قيادت کي سندس دور حڪومت ۾ گرفتار ڪيو ويو، ان دور ۾ مون کي به گرفتار ڪيو ويو.

هن چيو ته 3 سالن تائين منهنجي خاندان عدالتن کي منهن ڏنو، عمران دور ۾ جيئن اپوزيشن کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، اهڙو ڪنهن به جمهوري دور ۾ نه ٿيو.

Read Previous

اداڪار اڪشي ڪمار فلم جي شوٽنگ دوران زخمي

Read Next

ڀارتي فلمساز پرديپ سرڪار 67 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو

Most Popular