اداڪار اڪشي ڪمار فلم جي شوٽنگ دوران زخمي

بالي ووڊ جو مشهور اداڪار اڪشي ڪمار فلم ”بڙي ميان ڇوٽي ميان“ جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو.

اڪشي ڪمار اڪثر ڪري پنهنجي فلمن لاءِ ڪي به مصنوعي ذريعا استعمال ڪرڻ بدران پاڻ ايڪشن جا منظر شوٽ ڪندو آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اڪشي ڪمار اسڪاٽ لينڊ ۾ ٽائيگر شراف سان ايڪشن منظر جي شوٽنگ دوران گوڏن ۾ڌڪ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.

رپورٽ موجب اداڪار جي حالت گهڻي سنگين نه آهي، پر سندس گوڏن ۾ ني بريسيس لڳل آهي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اداڪار جي زخمي ٿيڻ کانپوءِ ايڪشن منظر جي شوٽنگ في الحال ملتوي ڪئي وئي آهي پر اڪشي اسڪاٽ لينڊ ۾ فلم جي شوٽنگ مڪمل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪلز اپ شاٽس سان گڏ باقي شوٽنگ به جاري رکيواچي.

Read Previous

اٽارني جنرل پاڪستان شهزاد عطاءُ الاهي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

Read Next

عمران صدر ذريعي جنرل باجوه جي ملازمت ۾ واڌ جي آڇ ڪئي، خواجا آصف

Most Popular