مينار پاڪستان جي جلسي کان اڳ ڪريڪ ڊائون، پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان احمد گرفتار

اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان احمد کي مينار پاڪستان تي جلسي کان اڳ ڪريڪ ڊائون دوران گرفتار ڪيو ويو.

لاهور ۾ اڄ به پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي گرفتاري لاءِ ڪريڪ ڊائون جاري آهي, پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان احمد کي گرفتار ڪري ورتو.

راولپنڊي ۾ به پوليس پاران پي ٽي آءِ ڪارڪنن، مرڪزي اڳواڻن ۽ عهديدارن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پوليس ذريعن موجب راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻن عامر ڪياني، غلام سرور خان، راجا بشارت، سٽي صدر ميان عمران حيات، سٽي انفارميشن سيڪريٽري راجا عثمان ۽ ٻين جي گرفتاري لاءِ رات جو ڇاپا هنيا ويا پر ڪاميابي نه ٿي.

گرفتاري کان بچڻ لاءِ پي ٽي آءِ جا سمورا اڳواڻ روپوش ٿي ويا آهن، هڪ هفتي کان جاري پوليس ڪريڪ ڊائون ۾ 33 ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو، جن کي عدالتن بعد آزاد ڪيو.

Read Previous

حقيقي آزادي دفن ٿي چڪي، اڄ جنازو مينار پاڪستان تي ٿيندو، مريم اورنگزيب

Read Next

عمران خان جي دهشتگردي جي ٽن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور

Most Popular