عمران خان جي دهشتگردي جي ٽن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور

عمران خان

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردي جي ٽن ڪيسن ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.

عدالت اڳوڻي وزيراعظم جي 4 اپريل تائين ضمانت منظور ڪندي عمران خان کي هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عمران خان جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته سندس موڪل جي وڊيو لنڪ ذريعي پيشي رڪارڊ ڪئي وڃي، اڳوڻي وزيراعظم خلاف ڪيترائي ڪيس داخل آهن.

عدالت عمران خان کي هر ڪارروائي تي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي ٽن ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.

Read Previous

مينار پاڪستان جي جلسي کان اڳ ڪريڪ ڊائون، پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان احمد گرفتار

Read Next

ڪوئيٽا جي عدالت حسان نيازي جي ضمانت منظور ڪري ورتي

Most Popular