دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 8 اپريل تائين ملتوي

دادو(رپورٽ: سخي سردار چارڻ ) دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي 3 گھرڀاتين ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو والد مختيار چانڊيو، چاچو قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ قائم ٿيل ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿي گذري.

ٻڌڻيءَ دوران ڪيس جي پوئيواري ڪندڙ ام رباب چانڊيو ۽ ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو عدالت ۾ پهتا.

الزام هيٺ آيل جوابدار پ پ پ ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو، پ پ پ ايم پي اي نواب برهان خان چانڊيو ۽ ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدار، اڳوڻو پوليس آفيسر ڪريم چانڊيو، مرتضيٰ چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار ٻڌڻي دوران عدالت ۾ پهتا.

سينٽرل جيل حيدرآباد مان انهن جوابدارن کي پوليس جي پهري هيٺ عدالت ۾ آندو ويو، فريادي ۽ جوابدار ڌر جا وڪيل نه ھجڻ ڪري عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 8 اپريل 2023 تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ٻئي طرف ام رباب چانڊيو عدالت جي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪيس جي پڄاڻي تائين قانوني جنگ وڙهنداسين.

هن چيو ته اسان کي عدالتن تي يقين آهي ته هن ٽيڻي قتل ڪيس جو انصاف ڀريو فيصلو ٿيندو وڪيلن جي موجودگي نه هجڻ ڪري عدالت اڄوڪي ڪاروائي ٻئي ٻڌڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

گمس جي اهم عمارت کي باهه، ڪروڙين رپين جون دوائون سڙي ويون

Read Next

مٽياري جي يوسي 16 تي ننڍي چونڊ اڄ ٿيندي

Most Popular