گمس جي اهم عمارت کي باهه، ڪروڙين رپين جون دوائون سڙي ويون

Gumbat fire

گمبٽ(رپورٽ: نعمت الله شيخ) گمس جي اهم عمارت کي باهه لڳي وئي، آپريشن ۽ ايمرجنسي لاءِ ڪتب ايندڙ ڪروڙين رپين جون دوائون سڙي ويون.

اسپتال جي اھم بلڊنگ ايمرجنسي ريپڊرسپانس سينٽر جنرل او پي ڊي آرٿوپيڊڪ ڪڊني ۽ ٻين آپريشن وارڊن ۾ باهه لڳي وئي.

پرچي ڪائونٽر واري اھم بلڊنگ کي باھ سبب ايمرجنسي وارڊ ۽ آپريشن وارڊن جي مريضن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو.

مريضن دانھون ڪري ٻاھر نڪري جان بچائي ورتي، عملي آپريشن وارڊن مان مريض ڪڍي ٻين وارڊن ۾ شفٽ ڪري ورتا.

واقعي جو ڪارڻ بجلي جي سرڪٽ مان باھ لڳڻ ٻڌايو پيو وڃي، اھم اسٽور کي باھ سبب ڪروڙين روپين جون دوائون سڙي ويون.

Read Previous

دادو انتظاميا به بچت بازار جي نالي تي فوٽو سيشن ڪرائڻ رڌل

Read Next

دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 8 اپريل تائين ملتوي

Most Popular