پنجاب ڪابينا اٽي جا 20 ڪلو وارا ٿيلها مفت ورهائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

پنجاب جي نگران ڪابينا مستحق خاندانن ۾ اٽي جا 10 ڪلوگرام بدران 20 ڪلو وارا ٿيلها مفت ورهائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن ماڻهن کي ڊسٽريبيوشن سينٽرن تي بار بار وڃڻ کان بچايو وڃي.

اجلاس ۾ صوبي ۾ مفت اٽي جي فراهمي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ان فيصلي تي هلندڙ مهيني جي 29 تاريخ تائين عمل ڪيو ويندو.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت تائين 7 لک کان وڌيڪ اٽي جا ٿيلها مستحق ماڻهن ۾ ورهايا ويا آهن.

هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت رمضان المبارڪ دوران معاشري جي غريب طبقي کي پيش ايندڙ ڏکيائين کي گهٽائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.

ڇنڇر ڏينهن لاهور ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته هر مستحق کي اٽي جي مفت فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.

هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي مستحق ماڻهن جي فوري رجسٽريشن کي يقيني بڻائين، جن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽريشن نه ٿيڻ سبب مفت اٽو نه ملي رهيو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته مفت اٽي جي ورهاست واري هنڌن تي نادرا ۽ بي آءِ ايس پي جا ڪائونٽر فوري طور قائم ڪيا وڃن.

Read Previous

جهل مگسي ۽ ڀرپاسي 4 ڏهائي 3 جي زور سان زلزلي جا لوڏا

Read Next

قومي ٽيم ۾ افغانستان خلاف ٻي ٽوئنٽي ميچ ۾ هڪ تبديلي جو امڪان

Most Popular