قومي ٽيم ۾ افغانستان خلاف ٻي ٽوئنٽي ميچ ۾ هڪ تبديلي جو امڪان

pak cricket

افغانستان هٿان پهرين شڪست کانپوءِ پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ جي تيارين ۾ مصروف آهي، پاڪستان ۾ هڪ تبديلي جو امڪان آهي.

شاداب خان جي قيادت ۾ ٽيم فاسٽ بالر زمان خان جي جاءِ تي آل رائونڊر جي چونڊ ڪري سگهي ٿي، ٽيم انتظاميا کي محمد نواز ۽ افتخار احمد مان ڪنهن کي چونڊڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته شارجه جي پچ وڌيڪ اسپن آهي، جيڪا بال ٽرن ٿيڻ لاءِ موزون آهي.

شاداب خان جمعي تي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ کانپوءِ چيو ته هن وٽ ٽئلينٽ موجود آهي، اميد ته ايندڙ ميچ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاينداسين.

هن چيو ته هي سيريز اسان جي نوجوانن لاءِ آهي، اسان کين اعتماد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جو دٻاءُ عام طور تي نون رانديگرن کي متاثر ڪندو آهي پر اسان کي انهن کي حوصلو ڏيڻو پوندو.

شاداب خان چيو ته اهي رانديگر باصلاحيت آهن ۽ اسان کي انهن تي يقين آهي، اسان کي سٺي ڪارڪردگي کانپوءِ ڪنهن کي اسٽار بڻائڻ يا ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن کي ڊراپ نه ڪرڻ گهرجي، اسان انهن رانديگرن کي سپورٽ ڪنداسين ۽ کين سيريز ۾ پرفارم ڪرڻ جو موقعو ڏينداسين.

Read Previous

پنجاب ڪابينا اٽي جا 20 ڪلو وارا ٿيلها مفت ورهائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

دنيا ۾ مالياتي استحڪام لاءِ خطرا وڌي ويا آهن: آئي ايم ايف

Most Popular