وائرل جوڙو نمرا ۽ اسد رمضان خاندان سان گڏ گذارڻ لاءِ پاڪستان پهچي ويو

سوشل ميڊيا تي ڌوم مچائيندڙ جوڙو پاڪستاني نڪتو، جيڪو پنهنجي شادي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ مشهور ٿي ويو.

ايتري ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ تي ماڻهن ٻنهي کي ساراهيو ۽ تنقيد به ڪئي، پر نمرا ۽ اسد کي هڪ تمام پيارو ٻار اذلان آهي، جيڪو هاڻي وڏو ٿي رهيو آهي.

اذلان سان سندس گهروارن جو تمام گهڻو پيار آهي، جوڙو ساڻس وقت گذارڻ پسند ڪندو آهي، ڪجهه مهينا اڳ اسد ۽ نمرا عمان منتقل ٿيا هئا.

هنن عمان ۾ شاندار وقت گذاريو، پنهنجون وڊيوز ۽ تصويرون به شيئر ڪيون، في الحال اهو جوڙو ڪجهه ڏينهن لاءِ پاڪستان ۾ رمضان ۽ عيد ڪٽنب سان گذارڻ لاءِ واپس آيو آهي.

اسد ۽ نمرا پنهنجو رمضان ويلاگ مداحن سان شيئر ڪيو، سندن بلاگ جي خاص ڳالهه سندن پيارو پٽ اذلان هو.

Read Previous

تيونس جي ساحل تي ٻه ٻيڙيون ٻڏڻ سبب 29 مهاجرين فوت

Read Next

سينيئر ڪرڪيٽر وسيم اڪرم پنهنجي پهرين زال سان گڏ يادگار تصويرون شيئر ڪيون

Most Popular