تيونس جي ساحل تي ٻه ٻيڙيون ٻڏڻ سبب 29 مهاجرين فوت

تيونس جي سمنڊ ڪناري ڀرسان ٻه ٻيڙيون اونڌيون ٿيڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 29 مهاجرين فوت ٿي ويا آهن، صحارا کان ايندڙ مهاجرين رومي سمنڊ پار ڪري اٽلي ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي.

اهو ڪجهه ڏينهن ۾ تيونس جي سامونڊي ڪناري مهاجرن جي ٻيڙي ٻڏڻ جو تازو واقعو آهي، جڏهن ته گذريل چئن ڏينهن ۾ پنج ٻيون ٻيڙيون ٻڏي چڪيون آهن.

اهو واقعو تيونس جي غير قانوني افريقي مهاجرن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ کانپوءِ آيو آهي.

ان دوران، لامپيڊوسا ٻيٽ تي اطالوي اختيارين جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران رڪارڊ 2,500 مهاجرين اچڻ کانپوءِ اهي پريشان آهن.

اٽلي جي ساڄي ڌر جي وزير اعظم جورجيا ميلوني خبردار ڪيو آهي ته يورپ پنهنجي ساحل تي اچڻ وارن پناهگيرن جي وڏي لهر کي منهن ڏئي سگهي ٿو.

Read Previous

ون ويب لانچ خلائي انٽرنيٽ منصوبو مڪمل ڪري ورتو

Read Next

وائرل جوڙو نمرا ۽ اسد رمضان خاندان سان گڏ گذارڻ لاءِ پاڪستان پهچي ويو

Most Popular