سنڌ جي مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي اڪثريت حاصل ڪري ورتي

سنڌ صوبي جي 15 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جا غير سرڪاري نتيجا اچي ويا آهن،جن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي آهي.

مختلف پولنگ اسٽيشنن تي سڄو ڏينهن ڇڪتاڻ ۽چڪريون ٿينديون رهيون، ووٽنگ جو عمل صبح 8 وڳي شروع ٿيو، جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهيو.

چيئرمين، وائيس چيئرمين، ميمبر ضلعي ڪائونسل ۽ جنرل ميمبرن جي 90 ڪيٽيگريز لاءِ چونڊون ڪرايون ويون.

59 مان 46 سيٽن لاءِ غير حتمي غير حتمي نتيجا اچي چڪا آهن، پيپلز پارٽي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي 16 مان 8 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته 2 سيٽون جي ڊي اي وٽ ويون ۽ 2 آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا.

قمبر شهداد ڪوٽ جي يوسي باگوديرو جي سيٽ تي آزاد اميدوار سليم چانڊيو جو پينل کٽي ويو.

ٻئي طرف پيپلز پارٽي ڪوٽ ڏيجي ٽائون ڪميٽي وارڊ 5 جي چيئرمين ۽ شڪارپور ضلعي ڪائونسل ميمبر جي عهدي تي ڪاميابي حاصل ڪئي، شڪارپور مان جنرل ميمبر جي عهدي تي پ پ جي محمد عمر بروهي ڪامياب ٿيو.

Read Previous

سينيئر ڪرڪيٽر وسيم اڪرم پنهنجي پهرين زال سان گڏ يادگار تصويرون شيئر ڪيون

Read Next

چونڊون سمورن مسئلن جو حل آهن پر سياسي استحڪام وڌيڪ ضروري آهي: مريم نواز

Most Popular