چونڊون سمورن مسئلن جو حل آهن پر سياسي استحڪام وڌيڪ ضروري آهي: مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته چونڊون سمورن مسئلن جو حل آهن پر ان لاءِ سياسي استحڪام جي ضرورت آهي.

مسلم ليگ (ن) جي وڪيل ونگ کي خطاب ڪندي هن واضح چيو ته مسلم ليگ (ن) چونڊن کان ڊڄڻ واري ناهي.

مريم نواز تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان کي ترجيحي سلوڪ ڏيڻ تي عدليه تي تنقيد ڪئي.

هن وڌيڪ الزام هڻندي چيو ته کيس لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪجهه ماڻهن بابت اهڙي ڄاڻ آهي جيڪو جيڪڏهن ٻاهر آيو ته افراتفري مچي ويندي.

مريم نواز چيو ته انهن آئين کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ سپريم ڪورٽ انهن خلاف فيصلو ڏنو پر اهي آزاد ٿي ويا، بهرحال، اهڙي ايڪٽ جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ ناقابل ترديد ثبوتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي پر ڪنهن به عدالت ان تي هٿ ناهي کنيو.

Read Previous

سنڌ جي مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي اڪثريت حاصل ڪري ورتي

Read Next

افغانستان پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽي 20 سيريز کٽي ورتي

Most Popular