افغانستان پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽي 20 سيريز کٽي ورتي

شارجه : افغانستان پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽي 20 سيريز کٽي ورتي.

راشد خان جي قيادت ۾ ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ آساني سان کٽي ورتي.

ان کان اڳ پاڪستان افغانستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪري فهيم اشرف جي جاءِ تي محمد نواز کي شامل ڪيو ويو.

پاڪستان جو ٽاپ آرڊر ۽ مڊل آرڊر پهرين ميچ ۾ متاثر ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ 9 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 92 رنسون ٺاهيون پر ٻئي ميچ ۾ بهتر ڪارڪردگيءَ جي اميد هئي.

افغانستان پهرين 4 اوورن ۾ 30 رنسون ٺاهيون پر پوءِ زمان خان 7 رنسن تي عثمان غني کي آئوٽ ڪري ڇڏيو.

پاڪستان جي بيٽنگ جون مشڪلاتون پهرين ميچ وانگر جاري رهيون ۽ صائم ايوب ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويو.

عبدالله شفيق کي ٻيهر ٻڙي تي آئوٽ ڪيو ويو ۽ مسلسل چار ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ زيرو تي آئوٽ ٿيڻ وارو پهريون رانديگر بڻجي ويو.

Read Previous

چونڊون سمورن مسئلن جو حل آهن پر سياسي استحڪام وڌيڪ ضروري آهي: مريم نواز

Read Next

پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن لاءِ پي ٽي آءِ جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر

Most Popular