عمران خان 7 ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

عمران خان

پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه سميت دهشتگردي جي 7 ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.

اڳوڻي وزيراعظم خلاف اسلام آباد جي رمنا، سي ٽي ڊي ۽ گولرا ٿاڻن ۾ ڪيترائي ڪيس داخل آهن.

پي ٽي آءِ جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عدالت جي احاطي ۾ پهچي رهيو آهي ۽ اسلام آباد پوليس جي وڏي نفري سندس گاڏين جو گهيرو ڪري رهي آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد، مسرت چيما ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا، عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو.

آچر تي ٿيل اجلاس ۾ عمران خان عدالت ۾ پيشي جي پلان کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پارٽي ميمبرن سان صلاح مشورا ڪيا.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ سربراهه سومر جي صبح ٻڌڻي ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد روانو ٿيندو، فواد چوڌري پارٽي جي قانوني ٽيم سميت اسلام آباد روانو ٿي چڪو هو.

ٻئي طرف اسلام آباد پوليس طرفان سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته عمران خان جي متوقع عدالت ۾ پيشي بابت انسپيڪٽر جنرل پوليس جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سيڪيورٽي انتظامن جي فيلڊ نگراني ايس ايس پي ياسر آفريدي ڪندو.

Read Previous

پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن لاءِ پي ٽي آءِ جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر

Read Next

پيمرا اسلام آباد ۾ جلسن ۽ جلوسن جي لائيو يا رڪارڊ ٿيل ڪوريج تي پابندي لڳائي ڇڏي

Most Popular