پيمرا اسلام آباد ۾ جلسن ۽ جلوسن جي لائيو يا رڪارڊ ٿيل ڪوريج تي پابندي لڳائي ڇڏي

پیمرا پابندی

پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) اسلام آباد ۾ سمورن جلسن ۽ عوامي اجتماعن جي لائيو ۽ رڪارڊ ٿيل ڪوريج تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

پيمرا پاران هڪ ڏينهن جي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب احتجاجي ريلي يا عوامي ميڙ جي لائيو يا رڪارڊ ٿيل ڪوريج نه ٿي سگهي، ڪوريج تي پابندي امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

پيمرا جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي 2018 جي حڪمن جي روشني ۾ پيمرا آرڊيننس جي سيڪشن 27 تحت ڪوريج تي پابندي لڳائي وئي آهي.

Read Previous

عمران خان 7 ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

Read Next

حسان نيازي ٻن ڏينهن جي راهداري ريمانڊ تي ڪراچي پوليس حوالي

Most Popular