وقت اچي ويو آهي ته چيف جسٽس جي ون مين شو اختيارن جو جائزو ورتو وڃي، سپريم ڪورٽ جا جج

اسلام آباد: پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ چونڊن جي تاريخ بابت سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي حوالي سان جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس جمال مندوخيل جو اختلافي نوٽ سامهون اچي ويو آهي. جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس جمال مندوخيل اختلافي نوٽ ۾ چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته چيف جسٽس جي ون مين شو اختيارن جو جائزو ورتو وڃي.

جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس جمال مندوخيل جي اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڻمرادو نوٽيس 4 ججن رد ڪيو، آرڊر آف ڪورٽ 3-4 جو فيصلو آهي، سپريم ڪورٽ کي رڳو هڪ شخص جي فيصلن تي نٿو ڇڏي سگهجي.

نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس وٽ بي لغام طاقت مان لطف وٺندو آهي، اسان جو فيصلو جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس اطهر من الله جي فيصلي جو ئي تسلسل آهي، ڪازلسٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ بئنچ تبديل نٿي ٿي سگهي.

اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڻمرادي نوٽيس جي اختيارن بابت فل ڪورٽ ذريعي پاليسي ٺاهڻي پوندي، افسوس ته سپريم ڪورٽ قومي ادارن جي اختيارن کي ريگيوليٽ ڪرڻ جي ڳالهه ڪندي آهي پر پنهنجي اندر ۾ جهاتي ناهي پائيندي.

ٻن ججن اختلافي نوٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي اختيارن جو ڍانچو ٺاهڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي آهي، چيف جسٽس وٽ پاڻمرادي نوٽيس، بئنچن جي جوڙ جڪ ۽ ڪيس فڪس ڪرڻ جو اختيار آهي.
ججز چيو ته آئيني اداري جي ميمبرن طور اسان جو هر عمل تاريخ جو حصو ٿيندو ۽ بحث هيٺ ايندو آهي، پاڻمرادو نوٽيس 4 ججن رد ڪيو، آرڊر آف ڪورٽ 3-4 جو فيصلو آهي.

Read Previous

انشولا ڪپور روهن ٺاڪر سان پنهنجو تعلق انسٽاگرام تي آفيشل ڪري ڇڏيو

Read Next

ججز جو فيصلو موقف جي فتح، بينچ منصفاڻي نه ٺهي ته فيصلو انصاف وارو ڪيئن لڳندو، مريم نواز

Most Popular