ججز جو فيصلو موقف جي فتح، بينچ منصفاڻي نه ٺهي ته فيصلو انصاف وارو ڪيئن لڳندو، مريم نواز

مریم نواز

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ نون جي چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ججز جو فيصلو موقف جي فتح قرار، بينچ ئي منصفاڻي نه ٺهي ته فيصلو انصاف وارو ڪيئن لڳندو.

مريم نواز جي صدارت هيٺ پارٽي ترجمانن جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، نواز شريف خلاف غيرمنصفاڻي، انتقامي فيصلن بابت شاهديون عوام جي آڏو آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پي ٽي آءِ سربراهه ۽ سندس سهولتڪارن بابت سموريون حقيقتون عوام آڏو آڻڻ جي حڪمت عملي پڻ تيار ڪئي وئي، مريم نواز چيو ته عمران خان ماضي بڻجي چڪو آهي، هاڻِ پاڪستان جي مستقبل بابت سوچڻو آهي.

هن چيو ته جسٽس منصور ۽ جسٽس مندوخيل جو فيصلو بئنچ فڪسنگ بابت اسان جي بيانئي جي سوڀ آهي، بئنچ سازي منصفاڻي ناهي ته پوءِ فيصلو ڪيئن منصفاڻو تصور ٿيندو؟ عدليا ۾ موجود سهولتڪارن کي وائکو ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عمران خان ڪرپشن ڪيسن تان عوام جو ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو، ٽيريان، پرڏيهي فنڊنگ ۽ توشا خانا ڪيسن ۾ ترديد نه ڪرڻ جوڳا ثبوت آهن، نواز شريف جي ڪيسن ۾ آئين ۽ قانون جي لتاڙ کي وائکو ڪيو ويندو.

مريم نواز جو ٽوئيٽ ڪندي چيو ته جنهن، جنهن به عمران خان جي سهولتڪاري ڪئي، بدنامي ۽ خواري ان جو مقدر بڻي، هي هڪ پرڏيهي ايجنٽ آهي، سندس ذميواري پاڪستان ۾ فتنو ۽ وڳوڙ پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن مُلڪ اڳتي نه وڌي.

Read Previous

وقت اچي ويو آهي ته چيف جسٽس جي ون مين شو اختيارن جو جائزو ورتو وڃي، سپريم ڪورٽ جا جج

Read Next

ڪراچي جي ميئرشپ ڪنهن کي خيرات ۾ نه ڏينداسين: سعيد غني

Most Popular