حڪومت جو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي اليڪشن درخواستن تي فل ڪورٽ ٻڌڻي جو مطالبو

اسلام آباد: قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي اپيل ڪئي آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن بابت درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ بينچ جوڙي وڃي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ۾ چونڊن ۾ دير بابت تحريڪ انصاف جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

هن چيو ته حڪمران اتحاد جي ٽن وڏين پارٽين مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ (ف) ان ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪيون وينديون.

پنجاب جي چونڊن جي تاريخ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل جي تفصيلي اختلافي نوٽيس ۾ چيو ته ان مان سندن موقف جي تصديق ٿئي ٿي ته سوموٽو ڪيس 4-3 کان ڌار ڪيو ويو.

هنن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن به فيصلي جي پابند ناهي، باڊي آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت پنهنجون ذميواريون نڀائي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن کي قانوني صلاح ڏيڻ سندن ڪم ناهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪيو هو.

عدالت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي گورنرن کي اڱاري جي صبح 11 وڳي تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

Read Previous

عمران خان خلاف هڪ ئي ڏينهن ۾ 15 ڪيس داخل، رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع

Read Next

پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جو معاملو، چيف جسٽس پگھارن مان ڪٽوتي جي تجويز ڏئي ڇڏي

Most Popular