عمران خان خلاف هڪ ئي ڏينهن ۾ 15 ڪيس داخل، رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع

عمران خان

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف 29 ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اسلام آباد ۾ داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪيا ويا، ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيل فيصل چوڌري پيش ٿيو.

دستاويزن ۾ انڪشاف ٿيو ته سندس خلاف وفاقي راڄڌاني جي مختلف ٿاڻن ۾ 28 ڪيس داخل آهن، جڏهن ته هڪ ڪيس وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) داخل ڪيو آهي.

دستاويزن موجب اڳوڻي وزيراعظم خلاف 26 مئي تي اتحادي حڪومت خلاف سندس پارٽي جي لانگ مارچ کانپوءِ هڪ ئي ڏينهن ۾ 15 ڪيس داخل ڪيا ويا.

ترنول ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ختم ٿي ويا آهن، جڏهن ته عمران خان خلاف ٻين ڪيسن جو ٽرائل عدالتن ۾ هلندڙ آهي.

دستاويزن موجب 2014ع ۾ 2 ڪيس داخل ٿيا، جڏهن ته 2022ع ۽ 2023ع ۾ پي ٽي آءِ سربراهه خلاف 26 ڪيس داخل ڪيا ويا.

ٻڌڻي دوران فيصل چوڌري پنهنجي موکل خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ٿيڻ تي حيرت جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته اسان کي انهن ڪيس جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو ويو آهي پر ڪو به اسان جو فون نه پيو کڻي، جنهن تي چيف جسٽس اسلام آباد پوليس جي نمائندي کي فواد چوڌري سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪندي درخواست اڪلائي ڇڏي.

Read Previous

ڪرپٽو واپاري پليٽ فارم بيننس تي آمريڪي مالياتي قانونن جي ڀڃڪڙي جو الزام

Read Next

حڪومت جو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي اليڪشن درخواستن تي فل ڪورٽ ٻڌڻي جو مطالبو

Most Popular