جج کي ڌمڪي ڪيس: عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

عمران خان

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ، جج زيبا چوڌري کي ڌمڪي واري ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ بحال ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

جوڊيشل مئجسٽريٽ ملڪ امان ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ لاڳاپيل اختيارين کي حڪم ڏنو ته چيئرمين تحريڪ انصاف کي 18 اپريل تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

ان کان اڳ عمران خان جي وڪيل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت کي درخواست ڪئي هئي ته سندس موڪل جا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ بحال ڪيا وڃن.

وڪيل موقف اختيار ڪيو ته هٽايل وزيراعظم جي جان کي خطرو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳ ئي ٻين ڪيسن ۾ ضمانتي وارنٽ بحال ڪري چڪي آهي.

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته پراسيڪيوشن اڃا تائين پيش نه ٿيو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

سمورين اسيمبلين ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرايون وڃن: قومي اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ منظور

Read Next

امريڪي عدالت قتل ڪيس ۾ عدنان سيد جي سزا بحال ڪري ڇڏي

Most Popular