شهباز گل کي آمريڪا وڃڻ جي اجازت ملي وئي

Shehbaz Gill

لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل کي 4 هفتن لاءِ آمريڪا وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ شهباز گل جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ شامل ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت شهباز گل کي هڪ ڀيرو پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيندي سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بابت وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو.

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته درخواستگذار جو نالو ڪهڙي قانون تحت اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو ۽ ڪهڙين حالتن ۽ ڪهڙي بنياد تي نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو آهي.

Read Previous

چونڊ معاملو تڪرار جو شڪار، پاڻمرادو نوٽيس جي فيصلي تي ٻن ججن ۾ اختلاف

Read Next

چونڊون مرحليوار ٿيون ته نتيجا ڪير به قبول نه ڪندو، راڻا ثناءُ الله

Most Popular