چونڊ معاملو تڪرار جو شڪار، پاڻمرادو نوٽيس جي فيصلي تي ٻن ججن ۾ اختلاف

جسٽس منيب اختر

اسلام آباد: جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏنا آهن ته اختلافي نوٽ ۾ ڪٿي به اهو ناهي لکيل ته فيصلو 4/3 آهي، اقليت ڪنهن به قانون تحت پاڻ کي اڪثريت جي دعويٰ نٿي ڪري سگهي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ ف ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ لاءِ الڳ الڳ درخواستون داخل ڪيون.

پ پ جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته جسٽس جمال مندوخيل جي ريمارڪس کانپوءِ فل ڪورٽ جوڙڻ گهرجي.

جسٽس جمال مندوخيل چيو ته فل ڪورٽ ڇو؟ بينچ تي ساڳيا 7 جج ويهڻ گهرجن، فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته پهريان فيصلو ڪيو ته اهو 4/3 جو فيصلو هو يا 3/2 وارو فيصلو، سڄي قوم مونجهاري ۾ آهي.

جسٽس جمال مندوخيل چيو ته چئن ججن پي ٽي آءِ جون درخواستون رد ڪيون، اسان جي حساب موجب فيصلو چئن ججن جو آهي، اڄ تائين عدالت جو حڪم جاري ناهي ڪيو ته پوءِ صدر تاريخ ڪيئن ڏني؟ عدالتي حڪم نه هئڻ تي اليڪشن ڪميشن شيڊول ڪيئن ڏنو؟ اليڪشن ڪميشن فيصلي تي ڪهڙي حڪم تحت عمل ڪيو؟

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سجل سواتي جواب ڏنو ته اليڪشن ڪميشن پهرين مارچ جي فيصلي تي عمل ڪيو، عدالتي حڪم کانپوءِ اليڪشن ڪميشن صدر سان رابطو ڪيو، صدر 30 اپريل جي تاريخ ڏني، اليڪشن ڪميشن 30 اپريل جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. تاريخ جاري ڪري اليڪشن جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته آرٽيڪل 224 تحت چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻيون آهن، عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته فيصلو 3/2 آهي، 3/2 جي فيصلي تي پنج ججن جون صحيحون آهن، ڪميشن پيراگراف 14 پڙهي ۽ فيصلي جي شروعاتي لائينن تي عمل ڪيو، ممڪن آهي ته اسان کي غلط فهمي هجي.

Read Previous

گورنر سنڌ جي افطار پارٽي ۾ جويريه سعود جي مڙس سان گڏ شرڪت

Read Next

شهباز گل کي آمريڪا وڃڻ جي اجازت ملي وئي

Most Popular