خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀائرن خلاف ريفرنس نيب کي واپس

خواجا سعد رفيق

لاهور: احتساب عدالت ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ خواجا سلمان رفيق خلاف ريفرنس ڪالعدم قرار ڏيندي واپس نيب ڏانهن موڪلي ڇڏيو.

پيراگون هائوسنگ سوسائٽي ڪيس ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جي بريت واري درخواست تي دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو ويو.

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته قومي احتساب آرڊيننس (اين اي او) ۾ ترميم اهڙن ريفرنسز تي ڪارروائي روڪي ڇڏيو آهي.

ٻڌڻي دوران خواجا ڀائرن جي وڪيل امجد پرويز دليل ڏيندي چيو ته سندس موڪل نه شيئر هولڊر آهن ۽ نه ئي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڪو عهدو رکي ٿا.

هن چيو ته نيب ان ڪيس ۾ سندس خلاف ڪو به ٺوس ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، عدالت کي درخواست ڪئي ته کيس بري ڪيو وڃي.

مئي 2019ع ۾ نيب ريفرنس داخل ڪيو جنهن ۾ الزام لڳايو ويو ته ڀائرن عمر ضياءَ، نديم ضياءَ ۽ فرحان علي فراڊ ڪيو، هائوسنگ سوسائٽي اسڪينڊل ۾ عوام کي 59 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچايو ويو.

Read Previous

چونڊون مرحليوار ٿيون ته نتيجا ڪير به قبول نه ڪندو، راڻا ثناءُ الله

Read Next

حڪومت پارليامينٽ ۽ عدليه کي ٽڪراءَ ڏانهن ڌڪي رهي آهي، شيخ رشيد

Most Popular