حڪومت پارليامينٽ ۽ عدليه کي ٽڪراءَ ڏانهن ڌڪي رهي آهي، شيخ رشيد

راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته حڪومت پارليامينٽ ۽ عدليه کي ٽڪراءَ ڏانهن ڌڪي رهي آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ اڳوڻي گهرو وزير چيو ته اها ڪا نئين ڳالهه ناهي ته مسلم ليگ (ن) عدليه تي حملو ڪيو آهي.

هن چيو ته حڪومت چيف جسٽس آف پاڪستان جا اختيار گهٽائڻ بابت بل پيش ڪري چونڊون روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي.

هن چيو ته وزيراعظم سميت ملڪ جي سمورن ادارن کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪرڻو پوندو، عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي غداري جي الزامن کي منهن ڏيڻو پوندو.

هن چيو ته حڪومت فنڊن ۽ سڪيورٽي بدران چونڊون ڪرائڻ جو ارادو نٿي رکي، حڪومت عوام کي منهن ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، آئين موجب 90 ڏينهن اندر چونڊون ٿيڻ گهرجن.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته چونڊن کان ڀڄڻ جي ڪوشش جمهوري نظام کي نقصان پهچائڻ برابر آهي.

Read Previous

خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀائرن خلاف ريفرنس نيب کي واپس

Read Next

شاداب خان ٽي 20 آل رائونڊر رينڪنگ ۾ 8 درجا ترقي ماڻي چوٿين نمبر تي اچي ويو

Most Popular