گمبٽ اسپتال ۾ آپريشن دوران عورت فوت، وارثن جو احتجاج، غفلت جو الزام

گمبٽ(رپورٽ: نعمت الله شيخ ) گمبٽ تعلقي اسپتال ۾ علاج دوران مبينا غفلت سبب عورت فوت ٿي وئي، وارثن اسپتال ۽ قومي شاهراهه تي لاش رکي احتجاج ڪيو.

راڻيپور جي الهھ آباد واسڻ 45 سالا ايمان خاتون کي پتي جي آپريشن لاءِ اسپتال ۾ آندو ويو، جتي فوت ٿي وئي.

فوتي عورت جي پيءُ جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن قاضي درمحمد، ماجد سوڌڙو ۽ اوٽي انچارج طالب حسين سومرو غلط آپريشن ڪيو، جنهن سبب امڙ فوت ٿي وئي.

وارثن عورت جو لاش پهريان اسپتال ۾ رکي احتجاج ڪيو ۽ پوءِ قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ماجد منگي جو چوڻ آهي ته عورت جو آپريشن ٿئي ويو هو حياتي جنھن جي جيتري ھوندي وڌيڪ ڪير نٿو ڪري سگهي.

Read Previous

لاڙڪاڻي جي عدالت پاران پوليس اهلڪار جي قتل ڪيس ۾ 6 جوابدارن کي موت جي سزا

Read Next

هالا ۾ ڪار مان وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ، بلوچستان واسي 2 جوابدار گرفتار

Most Popular