لاڙڪاڻي جي عدالت پاران پوليس اهلڪار جي قتل ڪيس ۾ 6 جوابدارن کي موت جي سزا

راڌڻ (رپورٽ: ھريش ڪمار) لاڙڪاڻي جي عدالت اهلڪار جو قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 6 جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

ڇهين ايڊيشنل سيشن جج عرفان علي اڄڻ 37 مهينا پهريون اھلڪار نديم علي لاشاري جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

قتل ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدارن طالب علي سرگاڻي، قربان، عابد، مريد، اڪرم ۽ سڪندر سرگاڻي کي موت جي سزا ٻڌائي.

پوليس موجب ٽي جوابدار طالب سرگاڻي، قربان سرگاڻي ۽ عابد سرگاڻي اڳئي جيل ۾ آهن ۽ ٽي ڄڻا مفرور ڄاڻايل آهن.

Read Previous

ملڪ کي نئون آئين ڏئي پارلياماني بالادستي لاءِ چونڊ ڪرائي وڃي، قادر مگسي

Read Next

گمبٽ اسپتال ۾ آپريشن دوران عورت فوت، وارثن جو احتجاج، غفلت جو الزام

Most Popular