جيتو پاڪستان رمضان گيم شو ۾ شائسته لوڌي سلپ ٿي ڪري پئي، وڊيو وائرل

جيتو پاڪستان رمضان گيم شو ۾ پاڪستاني مشهور شخصيتن جي شرڪت ۽ دلچسپ لائيو گيمز مداحن جي دلچسپي جو سبب بڻيل آهن پر انهن جون ننڍيون غلطيون سوشل ميڊيا تي وڏي خبر بڻجي وينديون آهن.

شائستا لوڌي به رمضان گيم شو ۾ گيم کيڏڻ دوران سرخين ۾ اچي وئي، جڏهن هوءَ ڊوڙندي عدنان صديقي سان ٽڪرائجي وئي ۽ بيحد خراب طرح سان ڪري پئي.

شائسته لوڌي کي وڏين کڙين ورا جوتا پاتل هئا، هوءَ فوري طور تي اُٿي بيٺي ۽ عدنان صديقي سندس حوصلا افزائي ڪئي، بدقسمتي سان لائيو شو ۾ وڏي تعداد ۾ سامعين جي موجودگيءَ ۾ ائين ٿيو.

جيتو پاڪستان ليگ جي رمضان اسپيشل جي شائستا لوڌي واري ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو غلط جوتن جي چونڊ تي کيس تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.

مداحن جو چوڻ هو ته اصل قصور سندس جوتن جو هو، جنهن کانپوءِ کيس عدنان صديقي ٽڪر هنيو ۽ خوفناڪ هيلز سبب پنهنجو توازن قائم نه رکي سگهي.

ڪيترن ئي ماڻهن چيو ته هوءَ فرش تي ڪري پئي ۽ اها عام ڳالهه آهي، اهو هر ڪنهن سان ٿئي ٿو.

Read Previous

ايلون مسڪ ۽ ٻين ماهرن پاران مصنوعي ذهانت وارو نظام فوري طور روڪڻ جو مطالبو

Read Next

ثنا جاويد شاديءَ کانپوءِ ماڊلنگ ۽ اداڪاريءَ کان پاسيري ٿي وئي

Most Popular